آڏواڻي سنيل سندر سنگھه

آڏواڻي، سنيل سندر سنگھه: مشھور ليکڪ ۽ اداڪار جيڪو 8 جنوري 1956ع ۾ بمبئي ۾ پيدا ٿيو، تعليمي حوالي سان ھن بي اي ۽ ڊپلوما ان بزنس مئنيجمينٽ جون ڊگريون حاصل ڪيون، جڏھن ته سنڌي، ھندي، گجراتي ۽ انگريزيءَ ۾ 40 کان مٿي ناٽڪ لکيائين جن ۾ ”ڇورا اڳيان پوڙھا پٺيان“، ”منھنجا مور لاڏا“، سنڌيءَ ۾، ”ايشور اللھ تيرو نام“ ۽ تريشنڪر“ ھندي، ”اوپر گگن گنگھور“ گجراتيءَ ۾، “Zoo Story”، “Voice in the Mind” ۽ “ Enreka” انگريزي ۾ شامل آھن. جن ھندي ناٽڪن کي ڪاميڊي ۾ بھترين اداڪاري ۽ ھدايتڪاري جا انعام مليا انھن ۾ ”ديک ڪبيرا رويا“، ”پنوسنڪ“ ۽ ”بليڪ ڪاميڊي“ شامل آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.01.08  عيسوي

آڏواڻي ، سنيل سندر سنگھه 8 جنوري 1956ع ۾ بمبئي ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تورپيو مسڻ
شاهد علي خان استاد ستار نواز
پلي عبدالخالق عبد
استاد نظاماڻي
جئرام جوڳي
بابر بادشاهه
ايشور چندر
راجا جئدرٿ
بيرم خان
بابو پليجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون